ترائي 2

ترائي2: ترائيءَ جو ننڍڙو شهر، ضلعي بدين ۾، گولاڙچي- بدين مين روڊ کان 3 ڪلو ميٽر اتر طرف آهي. هن ڳوٺ جي زمين جي بيهڪ، هيٺاهين جهڪاءَ واري آهي، تنهنڪري ان کي ’ترائي‘ چوندا آهن. هيءُ شهر ڪڏهن آباد ٿيو، ان بابت ڪا به مستند معلومات ڪانه ٿي ملي. کورواهه کان ترائي روڊ تي بيل گاڏيون ۽ اُٺن جون قطارون هلنديون هيون ۽ ترائيءَ کان اهو رستو بدين تائين هئو. لنواري شريف جي بزرگ، پير خواجه محمد حسن نقشبنديءَ ٻه حج ڪيا هئا ۽ هو حج تي 1266هه/1849ع ۾ انهيءَ ترائيءَ واري رستي کان ويو هو. ان مان معلوم ٿو ٿئي ته سال 1266هه/1849ع ڌاري به ترائي شهر موجود هو. شهر جي اڀرندي پاسي امام واهه آهي، جيڪو ميرن حاڪمن کوٽرايو هو. ميرن جي حڪومت 1783ع کان شروع ٿي هئي. ترائي شهر ۽ ان جي آس پاس ميرن جون زمينون ۽ جاگيرون موجود آهن، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شايد امام واهه کوٽجڻ کان پوءِ اهو ڳوٺ آباد ٿيو هجي، جنهن آهستي آهستي هلي، شهر جي شڪل ورتي، تنهنڪري شهر جي آباد ٿيڻ جو سال 1773ع جي لڳ ڀڳ فرض ڪري سگهجي ٿو. هن وقت ترائي شهر ۾ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون موجود آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو